بختاور شھيد

بختاور شھيد: سنڌ جي پھرين شھيد هارياڻي ’بختاور‘، ذات جي لاشاري هئي ۽ تعلقي عمرڪوٽ جي هڪ ننڍڙي شھر ”ٽالهيءَ“ جي ڀر ۾ ’هئدي لاشاريءَ‘ جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو هئائين. اهو ڳوٺ قاديانين جي اسٽيٽ جو حصو هو، جن کي اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ چاليهه هزار ايڪڙن تي مشتمل جاگير هئي، جيڪا ’احمدي اسٽيٽ‘ جي نالي سان سڏي ويندي آهي. مائي بختاور جي شھادت جو پسمنظر هن ريت آهي ته 1930ع ۾ سائين جي. ايم. سيد، ڄيٺمل پرسرام، جمشيد نسروانجي، پروفيسر گوڪلي، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ ٻين ميرپورخاص ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو هو. ان جي ڪم کان متاثر ٿي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، جڏهن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي ملازمت ڇڏي، سنڌ جي هارين لاءِ جدوجھد شروع ڪئي ته اُن هاري تحريڪ جو هڪ اهم مطالبو اهو هو ته هارين کي بٽئيءَ جو اڌ حصو ڏنو وڃي. اڌو اڌ بٽئيءَ جي مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ سڀ کان پھريائين شھيد بينظيرآباد ۾ تحريڪ هلي، جنھن ۾ ڊاڪٽر هاسارام، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ محمد لاکي (سڪرنڊ واري)، بالاچ خان بروهيءَ، مولوي محمد معاذ ۽ ٻين ڀرپور حصو ورتو ۽ هنن تحريڪ کي زور وٺايو، هارين زميندارن کان اڌ بٽئيءَ جو حق گهريو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ پنھنجي سگهه ۽ ٻل تي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هيءَ تحريڪ پوريءَ سنڌ ۾ پکڙجي وئي. ٻين ضلعن وانگر هن تحريڪ جو ٿرپارڪر ضلعي تي به اثر پيو. ٿرپارڪر ۾ هن تحريڪ ۾ جان محمد پلي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، پير عبدالغفور جان سرهندي، محمد ابراهيم مومن ڪُنريءَ واري، ڪامريڊ امولک اوڏ ۽ ٻين ڪيترن هاري ورڪرن حصو ورتو. هن تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ 20 جون 1947ع تي جُهڏي (موجوده ضلعي ميرپورخاص) ۾ هاري ڪانفرنس گهرائي، جنھن ۾ اٽڪل ڏهه هزار هارين ۽ ورڪرن حصو ورتو. سنڌ جي سورهيه مائي بختاور جي ڳوٺ جا سمورا مرد به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ويا. پويان اَنَ جي راهه تي هڪڙي پوڙهي شخص پنيي لاشاريءَ ۽ مائي بختاور کي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا. ڪانفرنس جي آخري ڏينھن، 22 جون 1947ع تي خبر آئي ته ٽالهي شھر لڳ، هئدي لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ پنجابي زميندارن هڪ عورت کي بندوقن جا فائر ڪري شھيد ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ساٿين سان گڏ، 23 جون تي صبح جو سوير لاشارين جي ڳوٺ پھچي ويو. ساڻس ٻين کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر به گڏ هئا. هنن اَن جي کري تي شھيد بختاور لاشاريءَ جو لاش وڃي ڏٺو. اتي کين خبر پئي ته کري تي اٽڪل ٽي هزار مڻ ڪڻڪ هئي. ڳوٺ جا سمورا مرد ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا ۽ پنجابي زميندارن موقعي جو فائدو وٺي ڪڻڪ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مائي بختاور ۽ هڪ پيرسن پنيي فقير ۽ ٻين عورتن هنن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو. مائي بختاور لوهي ٽيانگ کڻي کين للڪار ڪئي ته ”هٽي پري ٿيو، اَنَ جو ڪڻو به کڻڻ نه ڏينديس“. مائي بختاور جو مزاحمتي انداز ڏسي زميندارن کي ڪاوڙ لڳي ۽ هڪ ظالم چوڌري سعدالله ۽ سندس مئنيجر چوڌري خالد، مائي بختاور تي بندوق جا سڌا فائر ڪيا ۽ نتيجي طور مائي بختاور اَن جي ديرن جو بچاءُ ڪندي شھيد ٿي وئي ۽ پير مرد پنيو فقير زخمي ٿي پيو، جنھن جي ڄمار سٺ ورهين کان مٿي هئي. ڪُنري ٿاڻي جو صوبيدار عنايت علي خان ابڙو ۽ ڊي ايس پي ديوان تلجارام پھچي چڪا هئا، هنن ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيس لکيو. ڪجهه ورڪر ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي حڪم تي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ ساماري کڻائي ويا، جتي گهڻي وقت گذري وڃڻ ڪري مائي بختاور کي آخر دفن ڪيو ويو. سندس تربت ساماري جي هڪ مقام ۾ واقع آهي. ڪيس ٿرپارڪر سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ هليو. ڪيس جي پيروي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي طرفان وڪيل ديوان انبارام ڪئي. سرڪاري وڪيل خان بھادر مرزا سڪندر بيگ هو، جنھن کي ان وقت جي سنڌ جي وزير داخلا، قاضي فضل الله خاص حيدرآباد کان اُماڻيو هو، اُن پڻ فريادي ڌُر (مائي بختاور واري ڌر) جي مدد ڪئي، جڏهن ته جوابدارن جي پيروي ديوان ڏيئل مل ۽ لاهور مان گهرايل هڪ بئريسٽر ڪئي. ان وقت سيشن جج شنڪر سنگهه آڏواڻي هو. هن صاحب حق جو فيصلو ڏنو ۽ چوڌري سعدالله (جيڪو اُن وقت جي پاڪستان جي وزير خارجه سر ظفرالله خان جو ڀاڻيجو هو) کي 25 ۽ چوڌري خالد کي 20 سال ٽيپ ڏني، جڏهن ته ٻين مجرمن کي پنجن کان ڏهن ورهين تائين سزائون ڏنائين. ٻيا ته اپيلن مان آزاد ٿي ويا، ليڪن چوڌري سعدالله 25 سال ٽيپ برابر ڪاٽي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي هاري جدوجھد ۽ شھيد بختاور سنڌ جي غريب عوام کي سبق ڏنو ته پنھنجي حق لاءِ جان ڏئي سگهجي ٿي، پر پنھنجو حق نه ٿو ڇڏي سگهجي. مائي بختاور شھيد جي ريٽي رت جي قرباني سنڌ جي تاريخ ۾ صدين تائين لازوال رهندي.


لفظ بختاور شھيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.00.00  عيسوي

1930ع ۾ سائين جي . ايم . سيد ، ڄيٺمل پرسرام ، جمشيد نسروانجي ، پروفيسر گوڪلي ، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ ٻين ميرپورخاص ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو هو


1947.06.20  عيسوي

بختاور شهيد، . هن تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ 20 جون 1947ع تي جُهڏي ( موجوده ضلعي ميرپورخاص ) ۾ هاري ڪانفرنس گهرائي ، جنهن ۾ اٽڪل ڏهه هزار هارين ۽ ورڪرن حصو ورتو . سنڌ جي سورهيه مائي بختاور جي ڳوٺ جا سمورا مرد به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ويا . پويان اَنَ جي راهه تي هڪڙي پوڙهي شخص پنيي لاشاريءَ ۽ مائي بختاور کي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا .


1949.06.22  عيسوي

شهيد بختاور؛ ڪانفرنس جي آخري ڏينهن ، 22 جون 1949ع تي خبر آئي ته ٽالهي شهر لڳ ، هئدي لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ پنجابي زميندارن هڪ عورت کي بندوقن جا فائر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو . ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ساٿين سان گڏ ، 23 جون تي صبح جو سوير لاشارين جي ڳوٺ پهچي ويو . ساڻس ٻين کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر به گڏ هئا . هنن اَن جي کري تي شهيد بختاور لاشاريءَ جو لاش وڃي ڏٺو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروانو سيوهاڻي
سوامي گوالانند مهراج
زرغونه
خافي خان
حافظ غلام محمد ڏاهري ڊاڪٽر
ديوان ڄيٺمل
عبدالجبار عبد سومرو
خروشچيف
برهمچاري پرڀوداس
عبدالرشيد لغاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون